اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪالهه هتي ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو جي 10هين اجلاس جي صدارت ڪيئ. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر خاص ڪر?? سيڪرٽري، گهرو وزارت جي نمائندن ۽ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گهرو ۽ جيل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اجلاس ۾ انهن قيدين جي ڪيسن تي غور ڪيو ويو جيڪي ديت، ارش ۽ دامن جي رقم ادا نه ڪر?? سگهڻ سبب جيلن ۾ قيد آهن. ڪميٽي صوبائي ذيلي ڪميٽين طرفان اُماڻيل 9 ڪيسن جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اهي ڪيسَ ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي قاعدن 2007ع تحت جي اهل قيدين جا هئا جن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي جسماني يا ذهني بيمارين جو شڪار آهن، عورتن، ٻا??ن، نابالغ، يتيم ۽ اهي قيدي جيڪي پنهنجي سزا جو وڏو حصو مڪمل ڪر?? چڪا آهن پر مالي وسيلن جي کوٽ سبب ديت، ارش ۽ دامن جي رقم ادا نٿا ڪر?? سگهن. اجلاس دوران ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ئي ته هو سمورن اهل ڪيسن کي مڪمل دستاويزن سان حتمي جائزي کان پوءِ جمع ڪرائين، جن ۾ قانوني وراثتي سرٽيفڪيٽس ۽ فيصلن جي تصديق ٿيل نقل شامل آهن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو ڪيسن جو تفصيلي جائزو فراهم ڪن ته جيئن وڌيڪ تصديق ۽ ڪارروائي ڪر?? سگهجي. وفاقي وزير ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي محنت کي ساراهيو ۽ هڪ مربوط طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ڪيسن کي اثرائتي طريقي ۽ شفافيت سان حل ڪر?? سگهجي. هن لاڳاپيل سمورين ڌُرين، خاص ڪر?? گهرو کاتي، جيل عملدارن ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان عمل ۾ فعال طور تي ??هڪ??ر ڪن، طريقيڪار ۾ د??ر کي ختم ڪن ۽ حقدار ماڻهن تائين انصاف پچائڻ کي يقيني بڻائين. اجلاس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته انصاف، عدليه ۽ انساني حقن جي اصولن کي هٿي ڏيندي اهل قيدين کي ضروري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري ڪيون وينديون.
متعلقہ مضامین
-
Minister, UMT president discuss establishment of Baba Guru Nanak chair
-
Federal govt abolishes five accountability courts in Lahore
-
Military law clashes with constitution, says SC judge
-
India has always been central point of our foreign policy: Sartaj
-
One-Belt, One-Road: Path to prosperity for all
-
Govt paid writers for support, audit report reveals
-
PSF candidates demand of Bilawal to nullify party elections
-
District Central launches campaign against dengue and chikungunya in Karachi
-
Butterfly Entertainment سرکاری داخلہ
-
کار کریش گیم آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
جی ای ایم الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: ایک جدید ڈیجیٹل تجربہ
-
جیک پاٹ سلاٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ