اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اثاثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، اسان ??قتدار ۾ اچي قومي اثاثن کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن کي نيلام نه ڪيو، اڳوڻو اطلاعات وارو وزير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي پاليسي کڻي آيو هو، اسان پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي ۾ معاشي بحالي جو منصوبو شروع ڪيو، پي ٽي وي هلندڙ سال رڪارڊ 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ڪمايو، پي ٽي وي پشاور، ملتان ۽ ڪراچي تان ??لائقائي زبانن جي نش??يا?? 24 ڪلاڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ريڊيو پاڪستان ۾ 12 نوان ??سٽوڊيوز قائم ڪيا آهن، ريڊيو پاڪستان ??ي عمارتن جي حدن ۾ عوام کي س??تي تفريح جي فراهمي لاءِ نوان ??ئنيما هائوسز ٺاهيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اطلاعات ۽ نش??يا?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊي جي پيمرا سميت اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت 2018ع ۾ ريڊيو ۽ پي ٽي پي کي پرائيويٽ ڪرڻ جي لاءِ ان ??ي اثاثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، اسان ??نهن ادارن ۾ معاشي بحالي جي منصوبي جي شروعات ڪئي. هلندڙ سال پي ٽي وي 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو حاصل ڪيو، پي ٽي وي جي ان ??مدني جي ڏس ۾ اسان ??مورن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان ??لائقائي زبانن جي نش??يا?? کي 24 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح پي ٽي وي لاهور جي سمورن اسٽوڊيوز کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ورچوئل جو اسلام آباد سينٽر ۾ اسٽوڊيو قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملتان ۾ سرائيڪي زبان ۾ نش??يا?? کي 24 ڪلاڪ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان پشتو زبان جي نش??يا?? جو وقت 24 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌي زبان ۾ نش??يا?? پي ٽي وي ڪراچي تان 24 ڪلاڪ نشر ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اڪيڊمي ۾ پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان ??ڪيڊمي ۾ ميڊيا جي ماڻهن لاءِ ڪورسز شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ معاشي بحالي جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان لاهور ۽ پشاور جي حدن ۾ سئنيما قائم ڪيون پيُون وڃن جن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ??سلام آباد ۾ 12 نوان ??سٽوڊيوز قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت کي س??ڙيو ويو، ان ??ا سمورا آرڪائيوز سڙي ويا هئا، اسان ??ن عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن جي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ??ي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. فلم پاليسي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت پهريون ڀيرو 18 – 2017ع ۾ فلم پاليسي جو بنياد رکيو، هن سال بجيٽ ۾ ان پاليسي جي لاءِ رقم به رکي وئي. هن چيو ته فلم پاليسي ۾ فلم سازن ۽ ٻين ڌرين جي لاءِ مراعتن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. فلم پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان ??و ويزن رڳو فلم کي سگهه ڏيڻ نه پر اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي ملڪ جي بيانيي ۽ تشخص کي به اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ويو آهي ته جيئن نوجوان ??ن شعبي جو حصو بڻجي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فنڪارن ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي پڻ شروعات ڪئي پئي وڃي. وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 14 مهينن دوران ڏينهن رات محنت ڪري انهن منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچايو. اسان ??قتدار ۾ اچي قومي اثاثن کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن اثاثن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته اڳوڻو اطلاعات وارو وزير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي پاليسي کڻي آيو هو. هن چيو ته اڄ قومي نش??يا??ي ادارا بهتر طريقي س??ن عوام کي اطلاعات جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
50 public sector schools to be upgraded by March: Secretary
-
Met Office forecast rainfall in Karachi next week
-
فینکس رائز آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس کا افتتاح
-
لکی کیٹ ہونسٹ انٹرٹینمنٹ اینٹرنس
-
ورچوئل کھیلوں کی دیانتداری اور تفریحی پلیٹ فارم
-
Pakistan, Tunisia to sign preferential trade pact soon
-
Two Pakistani women held on charges of links with Daesh
-
Preparations for Independence Day gaining momentum
-
PTI leader criticises PM Nawaz for foreign leisure trips
-
India, Pakistan urged to resolve issues by dialogue: SAARC
-
FTG کارڈ گیم سرکاری پلیٹ فارم
-
بی جی آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ آپ کی تفریح کا نیا ذریعہ