برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي بجلي جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائي جي ذريعن سا?? گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سا?? شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پرڏيهي وزير آءِ اي اي اي جي ڊئريڪٽر ج??رل رافيل ماريانو گروسي سا?? ملاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جي حصي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران ??ين جي نائب وزيراعظم زانگ گوچنگ، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ج??هون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سا?? پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر ج??رل عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فو??ل فيوئل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سا?? پاڪستان جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.
متعلقہ مضامین
- 
                                
                                
Pakistan slides six spots in 2024 democracy ranking: report
 - 
                                
                                
Fortune Forge سرکاری تفریحی ویب سائٹ
 - 
                                
                                
فگوایشی آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس: تفریح کا بہترین ذریعہ
 - 
                                
                                
5.9-magnitude earthquake shakes KP
 - 
                                
                                
Police officer martyred, robber killed in police encounter in Lahore
 - 
                                
                                
Expulsion of envoys by Indo-Pak should not escalate tensions: US
 - 
                                
                                
President urges youth to gear up for era of technology
 - 
                                
                                
اولمپس کے دروازے سرکاری گیم ویب سائٹ
 - 
                                
                                
جوکرز وائلڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور تفصیلی معلومات
 - 
                                
                                
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
 - 
                                
                                
ہری مرچ کا آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور تفصیلات
 - 
                                
                                
الیکٹرانک سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی