اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪنگ محتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪنگ محتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. ص??ر اداري جي قيام کان وٺي هيست??ئي?? شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب ماڻهن کي بنا قيمت انصاف جي فراهمي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايتن جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪن جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪنگ محتسب بابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب بئنڪ صارفين جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب تازو ئي آن ل??ئي?? پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن ل??ئي?? پورٽل سان شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.
متعلقہ مضامین
- 
                                
                                
PPP deplores outsourcing of KP govt schools
 - 
                                
                                
JCP panel divided over rules for judges’ constitutional bench nominations
 - 
                                
                                
Rain returns to Lahore, Punjab — heatwave finally breaks
 - 
                                
                                
رائل کروز آفیشل گیمنگ پلیٹ فارم کا مکمل تعارف
 - 
                                
                                
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
 - 
                                
                                
Virtual Football League Entertainment کی آفیشل ویب سائٹ
 - 
                                
                                
CAA pockets over Rs 4 billion in airline charges
 - 
                                
                                
PM Nawaz, General Raheel to attend CPEC seminar in Gilgit today
 - 
                                
                                
MQM-London hits back; sacks Sattar
 - 
                                
                                
Minister for providing equal opportunities to youth
 - 
                                
                                
Benazir Bhutto murder case yet to be solved
 - 
                                
                                
Funeral of martyred cop offered