بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني ه?? منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نو??يت جي آهي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي ورج??يو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعا??ن برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
CTD arrests terrorist, seizes sensitive videos
-
Khyber Pakhtunkhwa to install emergency sirens amid rising tensions with India
-
Funeral prayers of slain cops offered
-
12 grenades recovered from vehicle, two arrested in Peshawar
-
Hurriyat Chairman Syed Geelani detained by Indian police
-
Sindh to supply desert areas with clean water
-
COAS visits district court blast victims at Mardan Medical Complex
-
الیکٹرانک تحقیقات کا آفیشل گیم پلیٹ فارم اور اس کی اہمیت
-
فارچیون ڈریگن: تفریح کی دنیا کا نیا مرکز
-
جنوب مشرقی آن لائن تفریحی ویب سائٹس کی مقبولیت اور خصوصیات
-
FTG کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی مکمل تفصیل
-
کی لونگ آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ پر نئ گیمنگ تجربہ