اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سميت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي لاءِ معياري خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽ??گ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سميت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم جي خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.
متعلقہ مضامین
-
Internal rift deepens in MQM-P over organisational reshuffle
-
PIA to start flight operation for UK from March 28
-
Light aircraft crash near Vehari, pilots escape injury
-
SBO اسپورٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
Ten Times Victory Official Entertainment App - تفریح کی دنیا میں انقلاب
-
Tsar Treasure Entertainment سرکاری داخلہ
-
گوبلن فورچن تفریحی لنکس قابل اعتماد تفریحی لنکس
-
MQM delegation calls on Sindh CM
-
Jirga orders two brothers to take shoes in mouth
-
Kasuri suggests peaceful resistance movement to resolve issue
-
Police encounter leaves 4 militants dead
-
Gen Raheel heading Saudi-led military alliance opposed