اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪمپني اصل رقم منافعي سا?? گڏ واپس ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کانپوءِ رقم منافعي سا?? گڏ واپس ملي ويندي، صارف کي 11 سالن جي لا??ِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سا?? گڏ چار پاليسيون جاري ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. صارف 20 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪمپني صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن جي منافعي سا?? گڏ واپس ڪري، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئيم تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسيون جاري ڪيون ويون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپني ايتري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پلان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سالن جي لاءِ آهي، صارف 11 سالن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو شخص غيرمنص??اڻ?? طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني منافعو ڪمايو پر غيرمنص??اڻ?? طور تي صارف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپني رقم تي وڌ??ڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ته ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي منافعي سا?? گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.
متعلقہ مضامین
-
Rain returns to Lahore, Punjab — heatwave finally breaks
-
رائل کروز آفیشل گیمنگ پلیٹ فارم کا مکمل تعارف
-
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
-
Virtual Football League Entertainment کی آفیشل ویب سائٹ
-
CAA pockets over Rs 4 billion in airline charges
-
PM Nawaz, General Raheel to attend CPEC seminar in Gilgit today
-
MQM-London hits back; sacks Sattar
-
Minister for providing equal opportunities to youth
-
Benazir Bhutto murder case yet to be solved
-
Funeral of martyred cop offered
-
جیک پاٹ سلاٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ہری مرچ کا آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور تفصیلات